چندو لال جئسنگهاڻي

چندو لال جئسنگهاڻي: نالي وارو اديب، انگريز مخالف ۽ سرگرم سياسي ڪارڪن ٿي گذريو آهي. سندس والد ديوان ڪشنچند جئسنگهاڻي هو. چندو لال 1918ع ڌاري رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان محنتي ۽ ذهين هو. بي. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. هن ’آل انڊيا اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪئي هئي. لاڙڪاڻي جي پنچائت جو سيڪريٽري به هو ته سڄي سنڌ جي بوائز اسڪائوٽس ائسوسيئيشن جو به سيڪريٽري رهيو. پهرين اپريل 1939ع تي ڪراچيءَ ۾ ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس ٿي هئي، جنهن ۾ ضلعي جي ڪليڪٽرن کي تعلقي ۽ ضلعي مان ميمبر چونڊڻ جا اختيار ڏنا ويا، تڏهن هُن کي ضلعي ڪليڪٽر، رتيديري ۽ لاڙڪاڻي لاءِ ميمبر چونڊيو هو. هو 1942ع ڌاري انگريزن خلاف هليل ’ڪئٽ انڊيا‘ تحريڪ ۾ حصو وٺڻ ڪري جيل به ويو هو. هُن ڪيترائي درسي ڪتاب ۽ ناول لکيا آهن، جن مان هڪ ناول ’ماڌوري زندهه دل ۽ دوکو‘ تمام گهڻو مشهور ٿيو.


لفظ چندو لال جئسنگهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو